خدا هر ماڻهوءَ جي اندر صلحيتن جو هڪ جهان جوڙيو آهي. اسان پاڻ کي دريافت نه ٿا ڪريون، ان ڪري اسان انهن لڪل صلاحيتن کان اڻواقف آهيون، ان ڪري اسان کي خبر ئي نه هوندي آهي ته اسين ڇا ڪري سگهون ٿا. ان ڪري سدائين ٻڏتر جو شڪار رهون ٿا ته ڇا ڪجي يا ڇا نه ڪجي. اتفاق سان ڪنهن کي مرضيءَ جو ڪم ملي ويو ته خير نه ته جيڪي مليو ان ۾ عمر گذاري ڇڏيندا آهيون. پنهنجون صلاحيتون پرکڻ بدران ٻين کي ڏسي پنهنجي لاءِ شعبا منتخب ڪندا آهيون يا وري وڏن جي چوڻ تي پيا حياتي گذاريندا آهيون.
هي ڪتاب صلاحيتن کي ڳولڻ ۽ انهن کي ڪم آڻڻ جون مشقون به سيکاري ٿو ۽ پوءِ نوجوان وڏي اعتماد سان زندگيءَ جي شاهراهه تي ڪاميابيءَ جون وکون ڀري سگهن ٿا.



