31 Years of Services Excellence

حقيقت هن حال جي

نور احمد ميمڻ

سيپٽمبر 2022ع  ۾ سنڌيڪا اڪيڊميءَ جي سفر کي 31 سال ٿي ويا. هر سيپٽمبر مهيني جي 26 تاريخ اسان پنهنجي ڪم جو ساليانو جائزو وٺندا آهيون ته هڪ طرف اهو اطمينان ٿيندو آهي ته اسان پنهنجي ڪم کي لڳاتار جاري رکيو آهي، (هر سال 16 کان 18 نوان ٽائيٽل ڇپبا آهن ۽ سراسري طور 50 کان 60 ڪتاب ري پرنٽ ڪيا ويندا آهن.) ساڳي وقت اها اڻ تڻ ۽ افسوس به رهندو آهي ته اسان جون مهارتون ۽ صلاحيتون انهيءَ کان وڌيڪ ڪم ڪرڻ جون آهن پر محدود وسيلن جي ڪري اهو وڌيڪ ڪم نٿا ڪري سگهون. مان اهي واڌو صلاحيتون پنهنجي جوڙيل ادارن جي تعليمي، تربيتي ۽ پرچارڪ سرگرمين ۽ ڪجهه ٻين قومي ڪمن ۾ صرف ڪري پاڻ کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آيو آهيان.

مون هن ڪم کي هڪ مشن سمجهي شروع ڪيو هو. منهنجي فيملي ۽ منهنجن پيارن دوستن هميشه مون کي همٿايو، پر منهنجي هنن محنتن سان ٿَڪَ تڏهن لهي پوندا هئا جڏهن سنڌ جو ڪو نوجوان، ڪو استاد، ڪو سياسي ۽ سماجي ورڪر، ڪو ڪتابن جو پاڙهو ملاقات ڪري، خط لکي، فون ڪري يا ميسيج موڪلي ٻڌائيندو هو ته توهان جي فلاڻي ڪتاب منهنجي ذهن ۾ لهرون اڀاري ڇڏيون، مون کي بدلائي ڇڏيو، منهنجي دل تي دستڪ ڏني، مون کي منزل رسائڻ ۾ مدد ڪئي. اسان هر موضوع تي تعليم ۽ روزاني زندگيءَ جي ضرورتن، مهارتن، ڪيريئر ۽ ڊولپمينٽ جا ڪتاب ڇاپيا هئا، جن کي هر پاڙهو پڙهيو هو انڪري جڏهن به جتي به ڪنهن سان ملاقات ٿي ته ان بي ساخته ٿي چيو ته اوهان جا ڪتاب اسان جا محسن رهيا آهن.

ڪتابن جي چونڊ ۾ اسان جي هميشه اها ڪوشش رهي آهي ته اهي لازمي طرح تعليمي تربيتي، معلوماتي ۽ سڌارڪ هجن. پڙهندڙن اسان جي چونڊ کي پسند ڪيو ۽ اسان انهن ڪتابن جا ڇاپا ڇاپيندا رهياسين. ڪتاب ڇاپي سڄي سنڌ ۾ مهيا ڪرڻ اهو هڪ الڳ ۽ وڌيڪ اوکو ڪم هو. ان لاءِ اسان پنهنجا بوڪ شاپ کوليا، ڪتابي ميلا لڳايا، نوجوانن کي ڪلهن تي ڪتاب کڻائي سنڌ جي واهڻڻ ۽ ڳوٺن تائين پهچايا. ڪميونٽي لائبرري اسڪيم ذريعي سوين لائبرريون قائم ڪيون ۽ اسٽدي سرڪل شروع ڪرايا. هن ڪم کي مسلسل رکڻ لاءِ مون پنهنجا ٻه پٽ فضل الرحمان ۽ مجيب الرحمان هن اداري جي حوالي ڪيا ۽ سچ پچ ته انهن جي ساٿ کانسواءِ سنڌيڪا اڪيڊمي ۽ انسٽيٽيوٽ هلائڻ منهنجي لاءِ ڏکيو ٿي پوي ها. سنڌ جي قومي ڪاز لاءِ سرگرمين واسطي وقت ڪڍڻ به تڏهن ممڪن ٿي سگهيو جڏهن ٻنهي ڄڻن معاملن کي سنڀالڻ جي ذميواري نڀائي.

27 سالن جي هي محنت مون ڪنهن به ذاتي تشهير کان پاسيرو ٿي هڪ خاموش ورڪر وانگر سرانجام ڏني آهي. سيپٽمبر 2016 ۾ سنڌيڪا جا 25 سال پورا ٿيا ته دوستن سلور جوبلي سووينئر شايع ڪرڻ ۽ هڪ تقريب ڪرڻ جو اصرار ڪيو. اسان جي دوست رکيل مورائي ان لاءِ اديبن، عالمن ۽ ليکڪن سان رابطا رکي ڪجهه مضمون به لکرايا پر ڪجهه سببن جي ڪري 2016ع ۾ نه سلور جوبلي تقريب ٿي ۽ نه سوونيئر ڇپيو. هينئر سنڌيڪا جي 27هين سالگرهه تي انهن مضمونن ۾ ڪجهه وڌيڪ لکيل نون مضمونن جو اضافو ڪري هي سووينئر انهيءَ ارادي سان ڇاپيو پيو وڃي ته سنڌيڪا بابت همعصر ليکڪن جي راءِ سنڌ جي علمي ۽ ادبي تاريخ جي حصي طور محفوظ رهي سگهي.