قرآنيات quran
  • قرآني آيتون ۽ سائنسي حقيقتون
    ڊاڪٽر هلوڪ نورباقي / احمد الدين شر بلوچ

    ڪائناتي موجودات بابت حقيقتن جي سائنسي ڇنڊڇاڻ ۽ انهن لاءِ  قرآن شريف ۾ ذڪر ڪيل ڳالهين جو حيرت انگيز تفصيل

  • ائين چيو الله
    شارح علامه علي خان ابڙو
    بيشڪ آسمان ۽ زمين جي خلقت ۾ ۽ رات ڏينهن جي هڪ ٻئي پٺيان اچڻ ۾ سمجهه وارن لاءِ (حق جي سڃاڻپ جون) وڏيون  نشانيون موجود آهن. - (انهن سمجهه وارن لاءِ وڏيون نشانيون موجود آهن) جي بيهندي، ويهندي، ليٽندي هر وقت الله کي ياد رکن ٿا ۽ آسمان ۽ زمين جي خلقت تي غور ۽ فڪر ڪن ٿا (انهيءَ غور ۽ فڪر جو نتيجو اهو ٿئي ٿو جو هنن تي حقيقتن جي سڃاڻپ جو دروازو کلي پوي ٿو ۽ هو بي اختيار چئي ٿا ڏين ته) اي اسان جا پررودگار! هي سڀ جيڪو پيدا ڪيو اٿيئي سو هرگز بيڪار ۽ اجايونه آهي (ضرور ڪو مقصد ۽ حڪمت رکيل آهي)
  • قرآني قاعدو
    مترجم: ابوالليث غلام محمد
  • قرآن پاڪ ڇا آهي؟
    مولانا عبدالواحد سنڌي/ شبانه سولنگي
    انسانيت جي رهنما ڪتاب جو نازل ٿيڻ کان وٺي انساني سوسائٽيءَ کي بدلائڻ تائين سربستو احوال، جنهن جو مطالعو هڪ مسلمان خاندان جي سڀني گهرڀاتين لاءِ بيحد ضروري آهي.
  • تاريخ ارض القرآن
    مولانا محمد مدني
    جديد محاوري ۾ سنڌي ٻوليءَ جو سڀ کان سليس تحت السطر ترجمو. حاشيي تي شاهه ولي الله جي تفسير فتح الرحمان جو سنڌي ترجمو
  • عظمت قرآن
    مولانا وحيد الدين خان/ جاويد ميمڻ
    انسانيت جي لاءِ آخري الهامي منشور قرآن مجيد جي عظمت، ان جي دعوت ۽ انساني قافلي کي منزل تائين رسائڻ جي تفصيلن تي مشتمل ڪتاب
  • قرآني الاهيات
    مولانا ابوالڪلام آزاد/ نوراحمد ميمڻ
    ننڍي کنڊ جي نامياري عالم دين مولانا ابوالڪلام آزاد جي شاهڪار علمي ڪاوش، الاهيات بابت ترجمان القرآن جي چئن جلدن مان چونڊيل علمي ۽ فڪري مواد- الاهيات کي جديد انداز ۾ سمجهائيندڙ ڪتاب
  • قصص القرآن
    ممولانا حفظ الرحمٰن سيوهاروي/ پروفيسر نثار احمد نوراني (جلد پهريون ۽ ٻيو گڏيل) (جلد ٽيون ۽ چوٿون گڏيل) قصص الانبياءَ سلسلي جو سڀ کان وڏو ۽ مستند ڪتاب
    جنهن ۾ حضرت آدام کان وٺي حضرت محمد ﷺتائين نبين سڳورن جي حياتي ۽ انهن جي حق ۽ سچ لاءِ جدوجهد جي مستند تاريخ قرآن مجيد ۾ ڄاڻايل واقعن جي روشنيءَ ۾ تحقيق سان لکي وئي آهي. هندستان جي تمام وڏي مؤرخ ۽ عالم مولانا حفظ الرحمان جي هن عالمي شهرت واري ڪتاب جو سنڌي ترجمو.
Designed & Developed by : Edwom Technologies