پاڪيٽ سيريز pocket series
  • انسان ۽ عشق
    ڊاڪٽر علي شريعتي/ نديم گل عباسي
    انسان ۽ انسانيت تي عشق جي اثرن جو تواريخي، سماجياتي، حياتياتي ۽ ذاتياتي مطالعو، عظيم عالمي اسڪالر ڊاڪٽر علي شريعتي جي شاهڪار ڪتاب جو ترجمو
  • ڊپريشن ۽ ان جو علاج
    ڊاڪٽر پال هاڪ/ جاويد ميمڻ
    ذهني پريشانين، فڪرمندي ۽ بيزاريءَ جي ڪيفيتن جا نفسياتي سبب، علاج ۽ ان کان بچڻ جا مؤثر سائنسي ۽ طبي طريقا.
  • فيلسوف
    خليل جبران/ الله بخش خان ٽالپر ۽ علي حسن چانڊيو

    خليل جبران جي ڪتاب The Philosopher جو سليس سنڌي ترجمو، جنهن ۾ هن زندگيءَ جي سفر ۾ انسان جي مختلف حيثيتن ۾ سندس شخصيت ۽ ذميدارين جي شاندار عڪس آرائي ڪئي آهي

  • زندگي تنهنجا رنگ هزار
    شيخ عمادالدين ابن ڪثيرليکڪ: غلام محمد شاهواڻي
    عشق، محبت، محنت، ڏک، تقدير، سچ، عقل، غربت، جواني، موت، حياتي ۽ زندگيءَ جي انيڪ حسناڪين بابت ڏاهپ ڀريا ٻاجهارا ٻول
  • شاعريءَ جو سجدو
    سرجڻهار: شيخ اياز سهيڙيندڙ: نور احمد ميمڻ
    عظيم شاعر شيخ اياز، جون فطرت، حسن ۽ زندگيءَ جي نفاستن بابت لفظن جون حسين ۽ روح کي تراوت بخشيندڙ تصوير ڪشيون، خدا ۽ انسان جي تعلق جون صوفياڻيون سرمستيون
  • گيتانجلي
    رابندرناٿ ٽئگور/ امان شيخ
    وبل انعام يافته ڪتاب جو سنڌي ترجمو جنهن ۾ اعليٰ انساني آدرش جي ڀرپور اپٽار ٿيل آهي. ٽئگور پاڻ گيتانجلي جي انگريزي ترجمي کي نظر مان ڪڍيو ۽ هينئر ان کي سنڌيءَ جو سهڻو قالب ڏنو آهي.
  • ڀٽائيءَ جون رهاڻيون
    هوتچند مولچند گربخشاڻي
    اڀٽائيءَ جي رسالي ۾ آيل سڀ تمثيلي ڪهاڻيون، آسان سولي سنڌي ۾
  • اندر تون اجار
    امام غزالي
    هي ڪتاب امام غزاليءَ جي ”الاسلام“ جو خلاصو آهي، جنهن ۾ هن بهتر انسان ۽ صحيح مسلمان بنجڻ جي لاءِ بنيادي انساني اخلاقن جي اپٽار ڪئي آهي.
Designed & Developed by : Edwom Technologies