ٻارن لاءِ ڪتاب children books
  • قدرت جا نظارا
    نور احمد ميمڻ

    رنگين تصويرن جي مدد سان ٻارن جي سمجهه، سوچ ۽ پڙهڻ جو شوق وڌائڻ لاءِ تيار ڪيل ڪتاب

    ڪهاڻيءَ جو خاڪو

    ڌڻي تعاليٰ انسانن جي چوڌاري سهولتن ۽ سونهن وارو ماحول جوڙيو آهي. هن مختصر رنگين تصويرن واري ڪهاڻيءَ ذريعي پرائمري ڪلاس جي ٻارن کي سيکاريو ويو آهي ته ڀائر ۽ ڀينر پاڻ ۾ محبت جي جذبي سان رهن  ۽ انهن کي هن جهان جي سهڻي جوڙ لاءِ الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪرڻ جو سبق ڏنو ويو آهي.

  • وتايو فقير ۽ خيرات جي ماني

    ٻارن جي سمجهه، سوچ ۽ پڙهڻ جو شوق وڌائڻ لاءِ تيار ڪيل ڪتاب

    ڪهاڻيءَ جو خاڪو

     

    وتايو فقير سنڌ جو هڪ مشهور نصيحتاڻو ڪردار آهي. سندس هن مختصر رنگين تصويرن واري ڪهاڻيءَ ذريعي پرائمري ڪلاس جي ٻارن کي سيکاريو ويو آهي ته غريب به اسان جي معاشري جا عزت لائق ماڻهو آهن ۽ انهن کي عزت ڏيڻ سان الله تعاليٰ پنهنجي ٻانهن سان راضي ٿئي ٿو.

  • قرآن پاڪ ڇا آهي؟
    مولانا عبدالواحد سنڌي/ شبانه سولنگي
    انسانيت جي رهنما ڪتاب جو نازل ٿيڻ کان وٺي انساني سوسائٽيءَ کي بدلائڻ تائين سربستو احوال، جنهن جو مطالعو هڪ مسلمان خاندان جي سڀني گهرڀاتين لاءِ بيحد ضروري آهي..
  • نبي پاڪ ﷺ جن ڪير هئا؟
    مولانا عبدالواحد سنڌي/ شبانه سولنگي
    محسن انسانيت حضرت محمد ﷺ جي حياتي ۽ سندن اسلام جي سربلندي لاءِ ورتل ڪوششن جو سولو ۽ سهڻو تفصيل. حياتي مبارڪ جا سڀ اهم گوشا اختصار ۽ جامع انداز ۾.
  • اسلام ڪيئن پکڙيو؟
    مولانا عبدالواحد سنڌي/ شبانه سولنگي
    خدا جي طرفان انسانيت کي عطا ڪيل آخري دين اسلام جو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجڻ جو تفصيلي احوال. خدا جي دوستن ۽ سپاهين جي سڌارڪ ۽ پرچارڪ ڪاوشن جا دلچسپ واقعا.
  • اسلام ڪيئن شروع ٿيو؟
    مولانا عبدالواحد سنڌي/ شبانه سولنگي
    مڪي جي واديءَ ۾ انسانن جي گڏيل مفادن لاءِ جيئڻ ۽ سڀني قسمن جي غلامين مان نڪري هڪ خدا جي ٻانهپ ۽ اچڻ جو آواز بلند ٿيو ۽ ڏسندي ڏسندي دنيا تي ڇائنجي ويو. آخري دين اسلام جي شروع ٿيڻ جو احوال.
  • شخصيت سيريز 6 ڪتاب
    سهيڙيندڙ: نوراحمد ميمڻ
    1- مشهور پيغمبر ۽ سڌارڪ 2- مشهور عالم ۽ مفڪر 3- مشهور قومي اڳواڻ 4- مشهور فاتح ۽ سورما 5- مشهور حڪمران 6- مشهور سنڌي سپوت- حضرت آدم عه کان وٺي ياسر عرفات تائين سقراط کان وٺي علامه آءِ آءِ قاضي تائين دنيا جي انهن سڀني شخصيتن جو تذڪري، جيڪي پنهنجي پنهنجي حوالي سان تاريخ ۾ اهم جڳهه والارين ٿا
  • سنڌيڪا اسٽوڊنٽس ڊڪشنري - ڊيمي سائيز
    مرتب: ثناءُ الله راڄڙ
    هزارين لفظن جو پرونائونسيئشن سميت اهڙو انتخاب جيڪو ابتدائي انگريزي تعليم کان وٺي اسڪول ۽ ڪاليج جي شاگرن لاءِ سڀني سائنسي ۽ فني ڪتابن کي سامهون رکي تيار ڪيو ويو آهي.
Designed & Developed by : Edwom Technologies