سنڌ شناسي sindh
  • ڪلاچيءَ جي ڪُن کان ڪراچي ءَ تائين
    احسان حليم/ زاهد علي مگسي
    مائي ڪلاچيءَ جي بستيءَ کان وٺي مشرق جي راڻي بنجڻ تائين ڪراچيءَ ڇا ڏٺو؟ ڇا سٺو؟۽ ڇا پسيو؟ ڪراچيءَ جي تاريخ جي سنڌي ترجمو.٠
  • سنڌ جي فتح
    ليفٽيننٽ ڪرنل آئوٽرام/ عطا محمد ڀنڀرو
    انگريزي فوج جو عملدار ليفٽيننٽ ڪرنل آئوٽرام سنڌ جي فتح بابت نيپئر جي غلط بيانين جو پوسٽ مارٽم ڪري ٿو. فتح وقت انگريزن جي چالاڪين ۽ مڪارين تان پڙدوکڻي ٿو، ۽ ميرن جي حڪمت عملين جي سگهارن ۽ ڪمزور پهلوئن جي نشاندهي ڪري ٿو.٠
  • رڃ جهڙي سماج ۾ مور جي ر
    (ف-م لاشاري جا چونڊ اداريا حصو پهريون ۽ ٻيون)

    سنڌ تي ڇا وهيو واپريو، پنهنجي دور جي هڪ ڳالهائيندڙ سياسي تاريخ، سنڌ تي ٿيل ڏاڍاين جو داستان پهريون حصو٠

  • سنڌ سماج ادب ۽ سياست
    انعام شيخ
    انعام شيخ سنڌ جو آواز بڻجي مسلسل لکندو رهيو آهي. هن ڪتاب ۾ موجوده سنڌي سماج ادب ۽ سياست جي صورتحال جا اهڙا تفصيل ڏنل آهن جيڪي سنڌ جي آئيندي جي حوالي سان سوچڻ جا اڻ ڳڻيا گوشا پڌار ڪن ٿا٠
  • سنڌو شينهن درياهه
    جڍن فيئرلي / عطا محمد ڀنڀرو

    1907ع ۾ جين فيئرلي دنيا جي هن انوکي درياهه جي مهڙئين جهرڻي کي ڳولهي لڌو.اتان کان هيءَ ندي جاڏن جبلن جي وچ مان وڙوڪڙ کائيندي. سنڌو واديءَ جي جالارن پٺن ۽ پوٺن مان وهي هزارين ميلن ۾ سنڌوءَ جي تمدن کي سيراب ڪنڍي عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي آهي. جيئن فيئرلي جا اکين ڏٺا مشاهدا پيش ڪيا آهن٠

  • سنڌوءَ ڪناري وساريل شهر
    سنڌيڪار:عطا محمد ڀنڀرو
    ٻه هزار سال کان وٺي هزار سال قبل مسيح تائين جي سنڌونديءَ جي ڪناري تهذيب جي بڻ بڻياد، ريتن رسمن،رهڻي ڪهڻي ۽ عروج و زوال جو تحقيقي جائزو.
  • خوشحال سنڌ
    دادا سنڌي
    سنڌ جي حيواني، معدني ۽ پيداواري وسيلن جي ڄاڻ ۽ ان جي روشنيءَ ۾ قدرتي شاهوڪاريءَ جا تفصيل اپ ڊيٽ ٿيل.٠
  • سنڌوءَ جو سفر 1989ع
    ليکڪ: بدر ابڙو
    1989ع ۾ Indus Expedition جي نالي سان سنڌوءَ جي مهم جوئي ٿي،جيڪا اٽڪ کان مٿي ڪابل نديءَ جي ڇوڙوٽان شروع ٿي ۽ پورٽ قاسم تي توڙ ٿي. بدر ابڙو هن سفر جي ڪتاب کي تحقيقي شڪل ڏئي ڇڏي آهي.
Designed & Developed by : Edwom Technologies