سنڌيڪا جي باري ۾ About SINDHICA
ڪجهه سنڌيڪا جي باري ۾ | سنڌيڪا جون حاصلات | سنيڌڪا انتظاميا

سنيڌڪا انتظاميا

 

باني چيئرمين: نوراحمد ميمڻ

نوراحمد ميمڻ 1958ع ۾ پريالوءِ ضلع خيرپور جو ڄاول شاگرديءَ جي زماني ۾ شاگرد تحريڪ ۾ سرگرم رهيو. 1976ع ۾ ميٽرڪ ۽ 1981ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور (تڏهوڪي ڪئمپس) مان بين الاقوامي تعلقات ۾ گريجوئيشن ڪيائين. 1963ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي مان ساڳئي شعبي ۾ ايم اي ۽ بعد ۾ ڪراچي يونيورسٽي مان ئي سنڌي ۾ ايم اي ڪيائين. 1987ع ۾ سنڌ ساگر پارٽيءَ جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل ٿيو ۽ 1989ع ۾ سنڌ ساگر پارٽي کي خيرباد چئي سنڌي ادبي بورڊ جو پبليڪيشن آفيسر بڻيو. 2 سالن کانپوءِ اتان به استعفيٰ ڏئي 1991ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي اداري جو بنياد وڌائين.

سنڌيڪا اڪيڊميءَ جي بنيادن کان وٺي ان جي سڀني حاصالت ۽ سندس ذهني ۽ عملي ڪوششن ۽ اورچائيءَ جو عمل دخل آهي. شاگرديءَ جي زماني کان ئي مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي خداپرستي ۽ انسان دوستيءَ جي فڪر کان متاثر رهيو. سندس علمي سرگرمين جيئن سنڌيڪا جي ڊولپمينٽ کي سنڌ جو علمي ۽ تحقيقي روشن ستارو بنايو، تيئن سندس عملي سرگرمين جي نتيجن ۾ سنڌ جي اندر نوجوانن جو هڪ وڏو روشن فڪر علمي حلقو پيدا ٿيو. هُن ڪيترائي مضمون، ڪتابڙا لکيا ۽ سهيڙيا آهن ۽ اردو جي مشهور ڪتاب “خواتين انسائيڪلو پيڊيا” جو به ليکڪ آهي. سنڌ جي اندر علم ۽ دانش جي ڦهلاءَ ۽ قرآن حڪيم جي ڦهلائڻ جي حوالي سان سندس ڪوششن کي بيحد احترام سان ڏٺو وڃي ٿو.

چيئرمين: فضل الرحمان ميمڻ

سنڌيڪا جي باني چيئرمين نوراحمد ميمڻ جو وڏو فرزند آهي. 1999ع ۾ انٽر سائنس ڪرڻ کانپوءِ سنڌيڪا ۾ پنهنجي والد جو ٻانهن ٻيلي بڻيو. 1999ع ۾ خيرپور يونيورسٽيءَ مان بي ڪام پڙهڻ کانپوءِ پهريائين سکر ۾ سنڌيڪا جي زونل آفيس مستحڪم ڪيائين ۽ 2000ع کانپوءِ سنڌيڪا هيڊ آفيس ۾ سنڌيڪا جي ڪتابن جي تياريءَ جي نگراني سنڀاليائين. سنڌيڪا جي لاءِ وسيلن پيدا ڪرڻ جي واسطي قائم اداري آزاد ڪميونيڪيشن جي ڪتابن جي تياري ۽ سرڪيوليشن به هن نوجوان جي حوالي آهي ۽ سندس نوجوان جذبن ۽ همتن سبب سنڌيڪا جي ڊولپمينٽ سرگرمين جي محور ۽ مرڪز موجوده چيئرمين جي حيثيت ۾ هينئر فضل الرحمان ئي بڻيل آهي.

نديم احمد سولنگي

سن جي ڀرسان سولنگي ڳوٺ جو هي نوجوان ميٽرڪ پڙهي سنڌيڪا سٿ ۾ شامل ٿيو. ڪمپيوٽر آپريٽر جي تڪڙي ٽريننگ وٺي سنڌيڪا جي ڪمپيوٽر سيڪشن جو انچارج ٿيو. اتي ئي تعليم به جاري رکيائين. 1998ع ۾ انٽر پاس ڪيائين. سنڌيڪا جي ڪتابن جي ڪمپيوٽر تياريءَ ۾ اڻٿڪ محنت ۽ بي لوث جذبي سان هن نوجوان جون خدمتون شامل رهيون آهن. هينئرتوڻي جو هو هڪ گورنمينٽ اداري ۾ ملازمت جون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي، ان جي باوجود سنڌيڪا سان سڪ جو ناتو قائم رکندو اچي ٿو.

شاهد شيخ اڪائونٽ مينيجر

مجيب الرحمان هارڊويئر انچارج

امان الله ڀٽي گرافڪ ڊزائينر

مسافر ابڙو ڪمپوزر/ڊيسڪ ٽاپ ڊزائينر

عبيدالله ميمڻ ڪمپوزر/ڊيسڪ ٽاپ ڊزائنر

حسنين اسٽاڪ مينيجر

سنجي چندرپال آئوٽ ڊور انچارج

سنديپ ڪمار اسٽور اسسٽنٽ


 

Designed & Developed by : Edwom Technologies