سنڌيڪا جي باري ۾ About SINDHICA
ڪجهه سنڌيڪا جي باري ۾ | سنڌيڪا جون حاصلات | سنيڌڪا انتظاميا

سنڌيڪا جون حاصلات

سنڌيڪا اڪيڊمي 1991ع ۾ قائم ٿي ته ان جا هيٺيان مقصد مقرر ڪيا ويا.

1- سنڌ جي علمي، ادبي ۽ تعليم سرشتي کي ترقي وٺائڻ ۽ ان مقصد جي لاءِ ڪمپيوٽر سافٽ ويئر تيار ڪرڻ.

2- سنڌي ٻولي جي لاءِ زماني جي حالتن مطابق ان جي صورتخطي ۽ لساني پيچيدگين کي سڌارڻ ۽ ٻوليءَ جي ڦهلاءُ لاءِ عملي رٿائون تيار ڪرڻ.

3- سنڌ شناسيءَ جي متعلق اهم ڪتاب تيار ڪري شايع ڪرڻ.

4- علمي، ادبي، سياسي ۽ ٻين سماجي علمن سان لاڳاپيل مفيد ڪتاب طبعزاد ۽ ترجما تيار ڪري ڇپائڻ.

گذريل ويهن سالن جي عرصي ۾ انهن مقصد جي لاءِ پيرائتيون ڪوششون ڪيون ويون آهن. سنڌ جي علمي، ادبي ۽ تعليمي سرشتي کي ترقي وٺائڻ لاءِ وقت بوقت سيمينارن جي ذريعي يا اسڪيمون تيار ڪري لاڳاپيل اختيارن ۽ ادارن کي موڪليون ويون آهن. ان سلسلي ۾:

1- سنڌي ٻوليءَ جو مئڪنسٽانس ڪمپيوٽر تي سافٽ ويئر ۽ فوٽ جوڙيا ويا.

2- سنڌي ڊڪشنريز بورڊ ٺاهڻ جي اسڪيم فيڊرل گورنمينٽ کي موڪلي وئي.

3- انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا جي اسڪيم سنڌ گورنمينٽ کي ڏني وئي.

4- سنڌ جي تعليمي ترقيءَ واسطي استادن جون قابليتون ۽ مهارتون وڌائڻ جي لاءِ ٽريننگ طريقي ۽ مواد جي اسڪيم سنڌ حڪومت کي ڏني وئي.

سنڌ شناسي سميت علمي، ادبي، تعليمي ۽ ٻين سماجي موضوعن تي 300  طبعزاد ۽ ترجما ڪتاب ڇاپيا ويا ۽ سڀ کان وڌيڪ اهم هي ته انهن ڪتابن کي وڏي پيماني وري وري ڇپائي سنڌ جي ڳوٺ، ڳوٺ، شهر شهر ۽ ادارن ۾ ماڻهن تائين رسائڻ جو بندوبست ڪيو ويو ته جيئن سنڌ جي علمي ۽ شعوري ترقيءَ لاءِ سنڌ جي ماڻهن کي وڌ کان وڌ موقعا ميسر ڪري سگهجن.

اهو سڀ ڪجهه پنهنجي محنت ۽ پورهئي جي بنياد ڪيو ويو. ڪنهن به مقصد جي لاءِ ڪڏهن به ڪا چندي خوري نه ڪئي وئي، نه ڪا مدد جي اپيل ڪئي وئي. محنت ۽ پورهئي جي بنياد تي اداري کي هلايو ويو ۽ وسيع سڌارڪ، تعليمي ۽ شعوري مقصد حاصل ڪيا ويا. هيڏي وڏي اداري کي هلائڻ ۽ هيڏن وڏن مقصدن جي لاءِ هڪ معاون ادارو آزاد ڪميونيڪيشنز قائم ڪيو ويو. مختلف پرائيويٽ ۽ سرڪاري ادارن جي ڇپائي جا وسيع پيمائي تي ڪم سرانجام ڏئي سنڌيڪا کي اتان سهڪار مهيا ڪري ڏنو ويو. ۽ ايئن سنڌيڪا ڪروڙين رپين جي بجٽ سان هلندڙ ادارن کان به وڌيڪ ڪم ڪرڻ جو مثال قائم ڪندي وئي.

اسان جي سڀ کان وڏي حاصلات سنڌ جي ماڻهن جون محبتون آهن، جيڪي هو سنڌيڪا جي اشاعتن جي عظيم مقصدن ۽ نتيجن کي محسوس ڪري اسان سان ڪن ٿا. ان عزت افزائي ۽ نيڪ تمنائن جو ڪوبه نعم البدل ڪونهي. اسان روايتي سفرنامن، ڪهاڻين ۽ شاعريءَ کي ڇڏي هميشہ اڪيڊمڪ علمي موضوعن جو انتخاب ڪيو آهي، سنڌ جا سڄڻ انهيءَ انتخاب کي بيحد پسند ڪن ٿا. ڪيترا ماڻهو سنڌيڪا جي انهن اشاعتن جي عظيم مقصدن ۽ نتيجن ۾ پنهنجي شرڪت ايئن ڪن ٿا جو هو وڌ کان وڌ مفيد ڪتاب چونڊي پنهنجي پاران لائبريرين ۽ استادن ۽ شاگردن کي گفٽ ڪن ٿا ته جيئن علمي ترقيءَ جي انهيءَ لاٽ مان گهڻي کان گهڻا ماڻهو استفادو حاصل ڪري سگهن.

سنڌيڪا جي مختلف موضوعن جي حوالي سان حاصلات جو وچور:

سنڌ جي تاريخ کي سهيڙڻ

سنڌ جي جامع ترين تاريخ جي تياريءَ لاءِ ان جي بنيادي ماخذن جي ترجمن جو وسيع ترين سلسلو شروع ڪيو ويو جنهن ۾ هيٺيان ڪتاب ترجمو ڪرايا ۽ سهيڙيا ويا. انهن ڪتابن جي اشاعت کانپوءِ آسان ٿي پيو آهي ته اسان جي يونيورسٽين جي تاريخ جا شعبا، سنڌ شناسيءَ جا ادارا ۽ افراد سنڌ جي جامع ترين تاريخ جي تياريءَ جو بندوبست ڪن. ساڳي وقت سنڌ جي محققن لاءِ پڻ تاريخي موضوعن تي تحقيق کي اڳتي وڌائڻ جا موقعا فراهم ٿيا آهن. انهن مان ڪجهه هن ريت آهن:

1- سنڌ جيئن مون ڏٺي                                                ليکڪ: ٽي پوسٽنس،                             سنڌيڪار: عطا محمد ڀنڀور

2- سکاري سنڌ ڏکارا ماڻهو                        ليکڪ: جيمس ميڪمرڊو                     سنڌيڪار: عطا محمد ڀنڀور

3- سنڌوءَ ڪناري وساريل شهر                   ليکڪ:مائيڪل جينسن                         سنڌيڪار: عطا محمد ڀنڀور

4- سنڌوءَ شينهن درياهه                              ليکڪ: جيمس فيئرلي                          سنڌيڪار: عطا محمد ڀنڀور

5- سنڌ منهنجي نظر ۾                               ليکڪ: رچرڊ ايف برٽن                         سنڌيڪار: عطا محمد ڀنڀور

6- سنڌ ۾ انگريزن جي حڪمت عملي      ليکڪ: ڊيورٽي                                      سنڌيڪار: عطا محمد ڀنڀور

7- سنڌ جي فتح                                           ليکڪ: ليفٽيننٽ ڪرنل آئوٽ رام      سنڌيڪار: عطا محمد ڀنڀور

8- تاريخ سنڌ                                               ليکڪ: سيد سليمان ندوي                     سنڌيڪار: محمد اسماعيل

9- قديم سنڌ جي تاريخ                              سهيڙيندڙ: نوراحمد ميمڻ

10- سنڌ جو قديم تاريخي ورثو؛                  سهيڙيندڙ: دين محمد ڪلهوڙو

11- سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا I ليکڪ: اشتياق انصاري

12- سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا II ليکڪ اشتياق انصاري

لطيفيات تي تحقيقي ڪم:

شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنڌي ماڻهن جي هڪ وڏي مصلح ۽ سڌارڪ ۽ رهبر و رهنما جي حيثيت رکي ٿو. ماڻهن جي شخصيت جي ڊولپمينٽ ۽ سريلي سماج اڏڻ لاءِ سندس فڪر ۽ تعليم سنڌي ماڻهن جي لاءِ آب حيات وانگر آهي. ان جي فڪر ۽ تعليم کي وڌ کان وڌيڪ ماڻهن تائين رسائڻ لاءِ شاهه جا رسالا سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ڇاپيا ويا. اهڙي طرح ترجمن ۾ ڪلياڻ آڏواڻي جو سنڌي ترجمو، شيخ اياز جو اردو ترجمو پڻ ڇاپيو ويو. لطيفيات جي ڪجهه اهم ڪتابن جو وچور هن ريت آهي:

1- الف ب وار شاهه جو رسالو                     مرتب: عبدالغفار گوهر دائود پوٽو

2- ڀٽ جو شاهه                                            ليکڪ: ايڇ ٽي سورلي                           سنڌيڪار: عطا محمد ڀنڀرو

3- سرتاج شاعر شاهه عبداللطيف               ليکڪ: ايڇ ٽي سورلي                           سنڌيڪار: عطا محمد ڀنڀرو

4- شاهه لطيف عظيم مفڪر                      سيهڙيندڙ: آفتاب ابڙو

5- شاهه جو رسالو                                        مرتب: غلام محمد شاهواڻي

6- شاهه جو رسالو                                        مرتب: هوتچند مولچند گربخشاڻي

7- شاهه جو رسالو                                        مترجم: ڪلياڻ آڏواڻي

8- رساله شاهه عبداللطيف (اردو)                 ترجمو: شيخ اياز

9- شاهه لطيف حيات و افڪار (اردو)          ليکڪ: منظور قناصرو

10- شاهه عبداللطيف هر دور جو شاعر        ليکڪ: ڊاڪٽر بشير احمد شاد

عالمي تاريخ ۽ تهذيب سيريز:

سنڌي نوجوانن جي سوچ جو انداز عالمي تاريخ ۽ تهذيب جي حقيقتن تائين رسائڻ جي لاءِ “عالمي تاريخ ۽ تهذيب سيريز” جي اشاعت جو آغاز ڪيو ويو جنهن ۾ سڀ کان پهريائين جڳ مشهور انگريزي جامع ورلڊ هسٽري ترجمو ڪري ڇپائي وئي ۽ هيٺين ڪتابن سان ان سلسلي کي وسيع ڪيو ويو:

1- قومن جي عالمي تاريخ                          ليکڪ: ٽي والٽر بينڪ                          سنڌيڪار: محمد بخش سومرو

2- تهذيبن جي عالمي تاريخ                       ليکڪ: ايڊورڊ ميڪميل برنس             سنڌيڪار: محمد احمد منصور عباسي

3- ملڪن ۽ قومن جي انسائيڪلوپيڊيا      ليکڪ:                                                   سنڌيڪار: سليم انور عباسي

4- هندستاني تهذيب جي ڪٿا                    ليکڪ: اي ايل باشم                              سنڌيڪار: همسفر گاڏهي

5- انساني تهذيب جي ارتقا                         ليکڪ: ول ڊيورانٽ                               سنڌيڪار: راز شر

ڊڪشنريون ۽ گرامر:

سنڌي شاگردن جي تعليمي ضرورتن کي سامهون رکندي ڊڪشنرين ۽ گرامر جي ڪتابن جي وسيع رٿا جوڙي وئي. ابتدائي طور تي پنجاهه ڪتابن جي اسڪيم جوڙي مڪمل ڪئي وئي جنهن ۾ اٺ ڊڪشنريون اٺ انگريزي سگهاري ڪرڻ جا مختلف ڪتاب ۽ ڇٽيهه گرامر جا ڪتاب شامل هئا.

انهن مان وڏو تعداد ڇپجي چڪو آهي جنهن سان نه صرف شاگردن جون تعليمي قابليتون ۽ مهارتون سگهاريون ٿي رهيون آهن پر گڏوگڏ سماج جا مختلف طبقا پنهنجي انگريزي ضرورتن جي لاءِ ان مان وڏي پيماني تي استفادو حاصل ڪري رهيا آهن. انهن مان ڪجهه ڪتابن جو تفصيل هن ريت آهي:

1- سنڌيڪا ايڊوانسڊ ڊڪشنري            مرتب: سنڌيڪا ايڊيٽوريل بورڊ

2- سنڌيڪا ڊڪشنري                           مرتب: سنڌيڪا ايڊيٽوريل بورڊ

3- اردو سنڌي لغت                               مرتب: عبدالستار بلوچ

4- سنڌيڪا لغت (سنڌي ٽو سنڌ)         مرتب: عبدالستار بلوچ

5- سنڌيڪا سائنٽيفڪ ڊڪشنري         مرتب: غلام مصطفيٰ سولنگي

6- سنڌيڪا ٽو انگريزي ڊڪشنري      مرتب: عزيز گوپانگ

7- سنڌيڪا اسٽوڊنٽس ڊڪشنري        مرتب: ثناءُ الله راڄڙ

8- سنڌيڪا ڪنسائيز ڊڪشنري          مرتب: سنڌيڪا ايڊيٽوريل بورڊ

9-  سنڌيڪا پڪٽوريل ڊڪشنري:       مرتب عزيز گوپانگ

10. سنڌيڪا گرامر فار اسٽوڊنٽس:     مرتب: عبدالستار بلوچ

11- سنڌيڪا اسٽينڊرڊ انگلش              مرتب: غلام مصطفيٰ سولنگي

12- سنڌيڪا اپلائيڊ گرامر (3 واليوم) سهيڙيندڙ: غلام مصطفيٰ سولنگي

13- سنڌيڪا اسڪول ٿيسارس             مرتب: پروفيسر محمد يوسف شيخ

14- سيلف ليٽر ڊرافٽنگ                      مرتب: سيد امداد علي شاهه

15- سنڌيڪا بيسڪ گرامر                  مرتب: سنڌيڪا ايڊيٽوريل بورڊ

16- سنڌيڪا پريڪٽس گرامر             مرتب: سنڌيڪا ايڊيٽوريل بورڊ

17- سنڌيڪا فارمس آف ورب             مرتب: غلام مصطفيٰ سولنگي

18- سنڌيڪا ٽينس                               مرتب: نذر حسين ملاح

19- سنڌيڪا اسپيڪنگ ڪورس        مرتب: غلام مصطفيٰ سولنگي

20- سنڌيڪا ايسيز فار اسٽوڊنٽس مرتب: غلام مصطفيٰ سولنگي

ڏاهپ ۽ اخلاقيات سيريز:

شاگردن ۽ مختلف شعبن جي سرگرم ماڻهن جي لاءِ ڏاهپ ۽ اخلاقيات سيريز جي ڪتابن جي اشاعت جو وسيع سلسلو جوڙيو ويو ته جيئن مختلف شعبن جي ماڻهن کي شخصيت جي تعمير ۽ مختلف حيثيتن ۾ سماج اندر سندن  حقيقي ۽ مؤثر ڪردار ۽ ڪرت سان پنهنجون ذميواريون ادا ڪرڻ جو ڏانءُ حاصل ٿي پوي. ان مقصد جي لاءِ ڪجهه هيٺيان ڪتاب ڇپيا:

1- مثنوي رومي (مڪمل)                           ليکڪ: مولانا جلال الدين رومي           سنڌيڪار: محمد رمضان مهيري

2- مثنوي رومي (چونڊ بيت)                      ليکڪ: مولانا جلال الدين رومي           سنڌيڪار: غلام محمد شاهواڻي

3- ڪيمياءِ سعادت                                      ليکڪ: حجة الاسلام امام غزاليؓ         سنڌيڪار: مرزا قليچ بيگ

4- صدين جون صدائون                               ليکڪ: مولانا ابوالڪلام آزاد              سنڌيڪار: عبدالرزاق ڊکڻ

5- ٻهڪندڙ ٻول                                           سهيڙيندڙ: استاد نبي بخش منگي

6- تهذيب اخلاق:                                         ليکڪ: شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ

7- سوچ جو سفر                                           ليکڪ:انعام شيخ

8- رسول ڪريم جي نظر ۾ سٺا ماڻهو       سهيڙيندڙ: محمد عثمان عباسي

9- ڀٽائي جون رهاڻيون                                ليکڪ: هوتچند مولچند گربخشاڻي

10- اندر تون اجار                                          ليکڪ: امام غزالي

11- گيتانجلي                                                ليکڪ: رابندر ناٿ ٽئگور                     سنڌيڪار: امان شيخ

12- شاعري جو سجدو                                   ليکڪ: شيخ اياز

13- روميءَ جون رهاڻيون                              ليکڪ: احمد خان آصف مصراڻي

14- انسان ۽ عشق                                          ليکڪ: علي شريعتي                            سنڌيڪار: نديم گل عباسي

15- غيرسماجي مذهبن جا باني                   ليکڪ:الطاف جاويد                              سنڌيڪار: جاويد ميمڻ

16- انسان ۽ عشق                                          ليکڪ: ڊاڪٽر علي شريعتي                                سنڌيڪار: نديم گل عباسي

17- ڪبير جون صوفياڻيون سرمستيون:     سهيڙيندڙ ۽ سنڌيڪار: امان شيخ

18- شيخ عطار جون نصيحتون:                    ليکڪ: شيخ فريد الدين عطار               سنڌيڪار: عبدالله انڍڙ

19- تصوف جو ٽيڪسٽ بوڪ                     ليکڪ: فتح الله گيولن                          سنڌيڪار: مظفر بخاري

20- عظيم ترين هيرو                                  ليکڪ: ٿامس ڪارلائل                          سنڌيڪار: انب گوپانگ

قرآنيات سيريز:

برصغير جي روشن فڪر عالمن جي ڪيل قرآن مجيد جي ترجمن ۽ تفسيرن کي شايع ڪيو ويو ته جيئن خدائي هدايت جي پيغام سواءِ ڪنهن فرقي بازي، انتهاپسندي ۽ تنگ نظريءَ جي سنڌ جي عوام تائين پهچي ۽ سنڌ ۾ حقيقي سلامتي، امن ۽ محبت جو معاشرو جڙي. قرآنيات سيريز جا هيٺيان ترجما ۽ تفسير ڇاپي پڌرا ڪيا ويا:

1- قرآن مجيد (ترجمو)                               مترجم: علامه علي خان ابڙو

2- قرآن مجيد (ترجمو)                               مترجم: مولانا محمد مدني

Designed & Developed by : Edwom Technologies