سنڌيڪا جي باري ۾ About SINDHICA
ڪجهه سنڌيڪا جي باري ۾ | سنڌيڪا جون حاصلات | سنيڌڪا انتظاميا

ڪجهه سنڌيڪا جي باري ۾

سنڌيڪا اڪيڊمي برطانيا جي ”برٽينيڪا“ جي طرز تي 1991ع ۾ قائم ڪئي وئي. سنڌيڪا، سنڌ جي قومي وجود جي سگهاري تسلسل لاءِ ٿيندڙ گهڻ طرفي جاکوڙ جو آزادانه ۽ اڻ ڌريو محاذ آهي، جيڪو ڪنهن به تفريق ۽ تعصب کان هٽي ڪري سنڌين جي علمي، ادبي، شعوري، نفسياتي، سائنسي ۽ سماجي ترقيءَ لاءِ خالص علمي بنيادن تي پنهنجي وس آهر ڪوششون ڪري رهي آهي.سنڌيڪا جو ايمان آهي ته، استحصالين جي مقابلي لاءِ  ۽ ترقيءَ جي گهربل سطح تائين پهچڻ واسطي ڏاهپ ڀرين طريقن جو استعمال سنڌ واسين جي بقا، بهتري ۽ واڌاري لاءِ نهايت ضروري آهي. سنڌيڪا جو مقصد آهي: سنڌين جي ڏاهپ جي سرچشمن جي مسلسل ۽ مستقل وهڪري کي يقيني بنائڻ لاءِ ڪوششون جاري رکڻ، ته جيئن مختلف علمي ۽ شعوري ميدانن ۾ سنڌ واسين کي اڳتي وڌڻ لاءِ نه فقط اتساه پر پليٽ فارم پڻ دستياب ٿي سگهي.

سنڌيڪا اڪيڊمي سمجهي ٿي ته محدود وسيلن کي ارادي جي سچائي ۽ عمل جي پختگيءَ سان استعمال ڪندي، سنڌ جي ڏاهپ جي خزانن کي نه فقط سنڌين لاءِ لاڀائتو بڻائي سگهجي ٿو، پر گڏوگڏ علمي، شعوري ۽ سماجي ميدانن ۾ رهيل کوٽ جو پورائو پڻ ڪري سگهجي ٿو. ڪم جي ان طريقي تي عمل جي آغاز کان هيستائين سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ مختلف علمي ۽ سنجيده ادبي ڪتابن جي ذخيري کي مالا مال بنائڻ لاءِ، ڄاڻ جي سڀني موضوعن تي دنيا جي شاهڪار لکڻين کي سنڌيءَ جو ويس ڍڪائي پڙهندڙن تائين پهچائڻ، سنڌيءَ ۾ لکيل سگهارن ڪتابن کي ڇپائڻ ۽ نئين دور جي گهرجن جي پورائي لاءِ گهربل اصلوڪا ڪتاب سنڌيءَ ۾ تيار ڪرائي سنڌ واسين تائين پهچائڻ ۽ تعليمي مقصدن جي لاءِ جديد تقاضائن هيٺ 350 شاهڪار ڪتاب پڙهندڙن تائين پهچايا ويا آهن.

شاگردن جي تعليمي مقصدن کي پورو ڪرڻ لاءِ سنڌيڪا اڪيڊمي لغات ۽ گرامر جي پنجاهه شاهڪار  ڪتابن جو آغاز ڪيو آهي. جنهن مان 21 شاهڪار ڪتاب شاگردن جي هٿن ۾ پهچي چڪا آهن.

سنڌيڪا ڪتابن جي انتخاب وقت هيٺين ڳالهه کي هميشه پيش نظر رکيو آهي ته اهي ڪتاب صرف تفريحي ادب جا ڳٽڪا نه هجن پر اهي ڪتاب (1) سنڌين جي ذهني ترقي ۽ ڏاهپ جي اوسر لاءِ مددگار بڻجن. (2) سنڌين جي تعليمي ترقي ۽ مهارتن جي سگهاري بڻجڻ جو ڪم ڏئي سگهن. (3) سنڌين جي ڄاڻ لاءِ حقيقي سرچشمو بڻجي سگهن.

انهن وڏن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌيڪا پنهنجي هڪ سگهاري تحقيقي ٽيم جوڙي آهي جيڪا ڪتابن جي موضوعن جو انتخاب ڪري ان موضوع تي وڌ کان وڌ لاڀائتو ڪتاب تيار ڪرڻ جون ڪوششون ڪري ٿي. هي اسان جي لاءِ نهايت اعزاز جي ڳالهه آهي ته اهڙين ڪوششن جي نتيجي ۾ هن وقت سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ سنڌيڪا جا ڪتاب پڙهيا وڃن ٿا ۽ علمي توڻي تعليمي مقصدن ۾ سنڌيڪا جي ڪتابن کي سندَ جي حيثيت ڏني وڃي ٿي.

 

اسان لاءِ اوهان پڙهندڙن جا مشورا ۽ علمي سهڪار وڏي آسيس رهيا آهن. اسان جو ايمان آهي ته ”سنڌيڪا سنڌ جي ميراث آهي“ ۽ ان جي واڌاري ۾ اسان سڀني کي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي.

Designed & Developed by : Edwom Technologies